سنڌ حڪومت جي فني ڪميٽي پاران سنڌ بئراج بابت واپڊا رپورٽ رد

ڪراچي: سنڌ حڪومت جي فني ڪميٽي سنڌ بئراج بابت واپڊا جي شروعاتي رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو، فني ڪميٽي چيو آهي ته واپڊا وٽ سنڌ بئراج جهڙي منصوبي جي فزيبلٽي رپورٽ تيار ڪرڻ لاءِ گهربل معيار جي صلاحيت ئي موجود ناهي. وفاقي حڪومت جي ڪوٽڙي کان هيٺ سنڌ بئراج جي اڏاوت واري منصوبي تي واپڊا جي شروعاتي رپورٽ تي سنڌ حڪومت جي فني ڪميٽي پنهنجو جواب تيار ڪري ورتو آهي. فني ڪميٽي پنهنجي جواب ۾ ڄاڻايو آهي ته واپڊا جي شروعاتي رپورٽ تضادن جو شڪار آهي، ڪوٽڙي کان هيٺ بئراج ڊيلٽا لاءِ وڌيڪ تباهيون آڻيندو. فني ڪميٽي وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته اڳ ۾ ٿيل اڀياسن ۾ ڪوٽڙي کان هيٺ بئراج ڊيلٽا لاءِ هاڃيڪار قرار ڏنبو ويو آهي، ايئن لڳي ٿو ته واپڊا پنهنجي شروعاتي رپورٽ تڪڙ ۾ تيار ڪئي آهي. فني ڪميٽي پنهنجي جواب ۾ وڌيڪ چيو آهي ته واپڊا وٽ سنڌ بئراج جهڙي منصوبي جي فزيبلٽي رپورٽ تيار ڪرڻ لاءِ گهربل معيار جي صلاحيت ئي موجود ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔