وفاقي وزير علي حيدر زيدي ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي ڇڏي

ڪراچي: وفاقي وزير علي حيدر زيدي ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويو آهي. سندس ٽيسٽ ناڪاري اچي وئي آهي. علي حيدر زيدي پنهنجي ٽوئٽ ۾ ٻڌايو ته هو ڪورونا مان صحتياب ٿي ويو آهي. وبا کان ڊڄڻو ناهي پر وڙهڻو آهي. الله تعاليٰ جو ڪرم آهي ته ٽيسٽ نگيٽو اچي ويو آهي.وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته اوهان سڀني جي دعائن جو ٿورائتو آهيان، دعاگو آهيان ته رب پاڪ اسان سڀني کي بيمارين ۽ پريشانين کان پري رکي. هن عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو ماسڪ پائڻ نه ڇڏين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔