والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ سان ٽي ڪشميري نوجوان شهيد

سري نگر: والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ سان 3 ڪشميري نوجوان شهيد ٿي ويا.
ڪشمير ميڊيا سروس موجب قابض ڀارتي فوج جي والاريل وادي ۾ رياستي دهشتگردي جي تازين ڪاررواين جي نتيجي ۾ 3 ڪشميري نوجوان شهيد ٿي ويا، ڀارتي فوج ضلع ڪپواڙه ۾ نام نهاد سرچ آپريشن دوارن گهر گهر تلاشي ۾ چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو جڏهن ته فائرنگ ڪري وڌيڪ 3 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو.
ڪشمير ميڊيا سروس موجب ضلع ڪپواڙه ۾ ئي هڪ حملي دوران 4 ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار به مارجي ويا، مارجي ويلن ۾ ڀارتي فوج جو آفيسر، 2 اهلڪار ۽ هڪ بارڊر سيڪيورٽي جو اهلڪار شامل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔