وفاق پاران ڪڻڪ جو اگهه گهٽ مقرر ڪرڻ واري فيصلي کي رد ڪريون ٿا: سنڌ آبادگار بورڊ

حيدرآباد: سنڌ آبادگار بورڊ سنڌ حڪومت طرفان ڪڻڪ جو اگهه 2000 روپيا مقرر ڪرڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي آهي.
جڏهن ته وفاقي حڪومت طرفان ڪڻڪ جو اگهه 1650 روپيا مقرر ڪرڻ جي فيصلي کي رد ڪندي ان کي آبادگارن سان گڏ ملڪ جي عوام سان پڻ ناانصافي قرار ڏنو آهي ۽ پنجاب ۾ آبادگارن تي پوليس جي ڏاڍ ۽ ان جي نتيجي ۾ هڪ آبادگار جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي پوليس جي ڏاڍ جي سخت لفظن ۾ مذمت پڻ ڪئي آهي.
ان سلسلي ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جو اجلاس نائب صدر سيد محمود نواز شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر بشير احمد نظاماڻي، ڊاڪٽر ذوالفقار يوسفاڻي، سيد نديم شاهه ڄاموٽ، مراد علي شاهه بُڪيرائي، جنيد جروار ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ پنجاب جي پرامن آبادگارن تي پوليس جي ظلم ۽ ڏاڍ جي مذمت ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته پنهنجي حقن لاءِ پرامن نموني احتجاج ڪندڙ آبادگارن تي پوليس جي اهڙي نموني ٿيل ڏاڍ کي ڪنهن به نموني برداشت نه ٿو ڪري سگهجي. اها ظلم جي انتها آهي جو حق گهرندڙ آبادگارن تي اهڙو تشدد ڪيو ويو جو ان جي نتيجي ۾ هڪ آبادگار زندگي کان ئي محروم ٿي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔