آمريڪا کي متحد ۽ صحتمند بڻائڻ جو وقت اچي ويو آهي: نئون چونڊيل صدر

واشنگٽن: نئين چونڊيل آمريڪي صدر جو بائيدن ملڪ ۾ مفاهمت لاءِ ڪم ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي.
هن ڊونلڊ ٽرمپ خلاف پنهنجي ڪاميابي کي واضح ۽ فيصلائتو قرار ڏنو.
چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ پهرين تقرير ۾ جو بائيڊن چيو ته مان صدر طور آمريڪا کي ورهائڻ بدران متحد ڪندس، هاڻ آمريڪا کي ٻيهر صحتمند بڻائڻ جو وقت اچي ويو آهي.
جو بائيڊن ڪورونا وائرس جي وبائي مرض خلاف جنگ ۾ ماهرن جو هڪ گروپ قائم ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو.
مستقبل جي نائب صدر ڪماله هيرس جو چوڻ هو ته جمهوريت جي حفاظت ڪرڻي پوندي آهي.
واضح رهي ته ڪماله هيرس آمريڪي تاريخ ۾ پهرين عورت نائب صدر هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔