برطانوي فوجي سربراهه ٽين عالمي جنگ جو خطرو ظاهر ڪري ڇڏيو

لنڊن :برطانوي فوج جي سربراهه خبردار ڪندي چيو آهي ته دنيا ۾ غير يقيني ۽ معاشي بحران سبب ٽين عالمي جنگ شروع ٿيڻ جو خطرو آهي.
مختلف تڪرارن ۾ مارجي ويلن ۽ زخمي ٿيندڙ برطانوي فوجين جي ياد ۾ سالياني تقريب ۾ ڳالهائيندي برطانيا جي چيف آف ڊفينس نڪ ڪارٽر چيو ته علائقائي ڇڪتاڻ ۽ غلطين ۾ واڌ نيٺ وڏي پئماني تي تڪرارن جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
سندس چوڻ هو ته ٽين عالمي جنگ جو خطرو آهي ۽ هر ڪنهن جو اهڙي خطري کان باخبر رهڻ ضروري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔