بابر ۽ حيدر جون شاندار ففٽيون، پاڪستان ٽي ٽوئنٽي سيريز به کٽي ورتي

راولپنڊي: قومي ڪرڪيٽ ٽيم بابر اعظم ۽ حيدر علي جي شاندار ففٽين جي مدد سان زمبابوي کي ٻي ٽوئنٽي ميچ ۾ به شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي.
راولپنڊي ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو ۽ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي زمبابوي جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي رڳو 134 رنسون ٺاهي سگهي.
مهمان ٽيم طرفان برل 32، مڌيويري 24، چگمبرا 18، ڪپتان چبابا ۽ تريپانو 15-15 رنسون ٺاهي سگهيا.
پاڪستان طرفان حارث رئوف ۽ عثمان قادر 3-3 شڪار ڪيا.
جواب ۾ قومي ٽيم ڪپتان بابر اعظم ۽ نوجوان بيٽسمين حيدر علي جي ففٽين جي مدد سان گهربل هدف 15.1 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
بابر اعظم 51 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو، جڏهن ته حيدر علي 66 رنسن جي اننگز کيڏي ناٽ آئوٽ موٽيو.
قومي ٽيم ميچ ۾ 8 وڪيٽن تان ڪاميابي ماڻيندي 3 ميچن جي سيريز پڻ 0-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.
ميچ جو بهترين رانديگر نوجوان بيٽسمين حيدر علي کي قرار ڏنو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔