سنڌ جي ٻيٽن تي والار خلاف قومي عوامي تحريڪ جو مارچ جاري، مختلف شهرن ۾ آجيان

ڪراچي: سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي والار خلاف ڪنڌڪوٽ مان ڪراچي لاءِ نڪتل قومي عوامي تحريڪ جي مارچ جو سفر جاري، اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ نڪتل مارچ ۾ عورتن سوڌو وڏي تعداد ۾ ڪارڪن شريڪ، سجاول، گولاڙچي، ميرپور بٺورو ۽ دڙي ۾ قافلن جي گُلن جي ورکا سان آجيان، مارچ ۾ شامل ڪارڪنن طرفان ٻيٽن ۽ ڪارونجهر سوڌو ٻين وسيلن تي قبضا نامنظور جا نعرا، مارچ کي خطابن دوران اياز لطيف پليجو چيو آهي ته 8 نومبر تي ڪراچي پهچي واضح پيغام ڏينداسين ته وسيلن تي قبض کي برداشت نه ڪيو ويندو، ٻيٽن سوڌو ٻين وسيلن جا مالڪ صوبي جو عوام آهي، پيپلز پارٽي کي ڪوبه حق نه آهي ته ٻيٽ وڪڻي ڇڏي، وفاقي سرڪار به وسيلن تي قبضا بند ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔