ڪورونا جي ٻين لهر، برطانيا ۾ سخت لاڪ ڊائون

لنڊن: عالمي وبا ڪورونا وائرس جي ٻين لهر کي نظر ۾ رکندي برطانيا ۾ خميس کان وٺي هڪ مهيني لاءِ سخت لاڪ ڊائون نافذ ڪيو پيو وڃي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب برطانيا ۾ ڇنڇر جي ڏينهن وڌيڪ 326 فوتگيون ٿيون جيڪي گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو وڌيڪ آهن.
ڪورونا وائرس جي ٻين لهر کي نظر ۾ رکندي برطانوي وزيراعظم بورس جانسن ٻئين لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو آهي.
برطانوي وزيراعظم جو چوڻ آهي ته غيرضروري دڪان، بار ۽ ريسٽورينٽ 2 ڊسمبر تائين بند رهندا جڏهن ته گهرن ۾ پارٽين جي به اجازت نه هوندي ۽ سفر تي به پابندي هوندي، بورس جانسن جو چوڻ هو ته اسڪول ۽ ڪاليج کليل رهندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔