قدرت جو شان، ترڪيءَ ۾ 34 ڪلاڪ عمارت جي ڍير ۾ دٻيل پيرسن جيئرو هٿ

ترڪي : ترڪي ۾ آيل طاقتور زلزلي جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ 50 کان وڌي ويو.
ترڪيءَ جي شهر ازمير ۾ زلزلي سبب پٽ پيل هڪ عمارت جي ڍير مان 73 ورهين جي هڪ شخص کي جيئرو پڻ ڪڍيو ويو، پيرسن کي 34 ڪلاڪن تائين ڍير هيٺان دٻيل رهڻ کانپوءِ ريسڪيو ويو ۽ هاڻ اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.
جمعي جي منجهند ترڪي ۾ آيل ان زلزلي جي نتيجي ۾ هيل تائين فوتين جو انگ 53 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 9 سئو کان وڌيڪ زخمي ۽ ڪيتريون ئي عمارتون ڊهي پيون آهن.
ايجيئن سمنڊ ۾ سمنڊ هيٺ آيل ان زلزلي جا لوڏا ترڪي کانسواءِ يونان ۽ بلغاريا ۾ پڻ محسوس ڪيا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔