ڪورونا وائرس: پاڪستان ۾ يارنهن سئو کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا هڪ هزار 123 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن ۽ متاثر ماڻهن جو ٽوٽل انگ 3 لک 35  هزار 93 ٿي ويو آهي.

ڪورونا وائرس سبب پاڪستان ۾ وڌيڪ 17 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن ۽ فوت ٿي ويلن جو گڏيل انگ 6 هزار 823 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب 12 فوتگيون ٿيون ۽ فوت ٿي ويلن جو گڏيل انگ 6 هزار 835 تائين پهچي ويو آهي.

پاڪستان ۾ ڪورونا جا 3 لک 15 هزار 16 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن ۽ 13 هزار 242 علاج هيٺ آهن. اسلام آباد ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ 20 هزار 79 ٿي ويو آهي.

پنجاب هڪ لک 4 هزار 554، سنڌ ۾ هڪ لک 46 هزار 331، خيبرپختونخواهه ۾ 39 هزار 649 ، بلوچستان ۾ 15 هزار 954، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 279 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 4 هزار 237 نوان ڪيس رپورٽ ڪيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔