پاڪستان ۽ ترڪي اسان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪن: فرانس

پيرس: فرانس ۾ گستاخ خاڪن جي اشاعت تي اتان جي حڪومت پاڪستان ۽ ترڪي کي چيو آهي ته هو فرانس جي اندروني معاملن ۾ مداخلت کان پاسو ڪن.خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب فرانسيسي گهرو وزير جيرالڊ درمائين سرڪاري ريڊيو کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ پاڪستان ۽ ترڪي جي رد عمل کي خصوصي تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو آهي ته هن ٻنهي ملڪن پاران پارليامينٽ ۾ فرانس جي خلاف قراردادن جي منظوري، فرانس جي اندروني معاملن ۾ مداخلت جي برابر آهي.واضح رهي ته گستاخ خاڪن بابت فرانس ۾ تازن واقعن ۽ فرانسيسي صدر ايمانوئيل ميخوان جي بيان تي سخت تنقيد ڪندي ترڪ صدر رجب طيب اردوان فرانسيسي صدر کي دماغي علاج جو مشورو ڏيندي مسلمانن کان مطالبو ڪيو هو ته هو فرانسيسي شين جو بائيڪاٽ ڪن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔