گلگت بلتستان جي عوام کي ڌار صوبو ڏيڻو پوندو:بلاول ڀٽو زرداري

اسڪردو (ڊيسڪ رپورٽ) گلگت بلتستان ۾ چونڊ مهم دوران بلاول ڀٽو طرفان عوام کي ڳري اڪثريت سان ڪامياب ڪرڻ جي اپيل، اسڪردو ۾ چونڊ جلسي کي خطاب دوران بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آئون کلاڙي يا سليڪٽيڊ نه آهيان جو واعدن تي يوٽرن وٺان،گلگت بلتستان جي عوام کي ڌار صوبو ڏيڻو پوندو، 15 نومبر تي چونڊن ۾ 2 ڀاڱي 3 اڪثريت سان ڪامياب ڪريو ته جيئن گلگت جي عوام کي پنهنجي زمين تي مالڪي ڏيون، شهيد ذوالفقار ۽ بينظير ڀٽو گلگت جي عوام کي حق ڏنا، شهيدن جي مشن کي اڳتي کڻي هلڻ لاءِ گلگت بلتستان جو عوام منهنجو ساٿ ڏئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔