ڀارتي پوليس شادي کان انڪار تي اداڪاره مٿان حملو ڪندڙ جوابدار تائين پهچي وئي

ممبئي: ڀارتي پوليس شادي کان انڪار تي اداڪاره مٿان ڇريءَ سان حملو ڪندڙ جوابدار تائين پهچي وئي.ڀارتي ميڊيا موجب ممبئي پوليس اداڪاره مالوي ملهوتره تي گذريل ڏينهن ڇريءَ سان حملو ڪندڙ جوابدار جو پتو لڳائي ڇڏيو آهي جنهن جي سڃاڻپ يوگيش مهيپال سنگهه جي نالي سان ٿي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار يوگيش مهيپال سنگهه کي اڱاري جي رات جو ئي ممبئي کان 50 ڪلو ميٽر پري پلگهار ضلعي ۾ واقع اسپتال مان ٽريس ڪيو ويو هو.پوليس موجب جوابدار جي سڃاڻپ ان وقت ٿي جڏهن پوليس جي ٽيم واقعي بابت جاچ جي لاءِ اسپتال پهتي ته جوابدار به ان ئي اسپتال ۾ پنهنجي علاج جي لاءِ داخل آهي ان لاءِ کيس باضابطه طور تي گرفتار نه ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔