پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ سيريز جي لاءِ ڪمنٽري پينل جو اعلان

لاهور: پي سي بي پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ سيريز جي لاءِ ڪمنٽري پينل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان ۽ زمبابوي جي وچ ۾ سيريز جي لاءِ ڪمنٽري پينل جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن موجب وسيم اڪرم، ايلڪن ولڪنز، بازيد خان، رميز راجه، ٽينو موائيو ۽ عروج ممتاز پينل ۾ شامل آهي.وسيم اڪرم صرف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ ڪمنٽري ڪندو جڏهن ته عروج ممتاز صرف ون ڊي انٽرنيشنل سيريز جي دوران راند تي تبصرو ڪندا. پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ 3 هڪ ڏينهن ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏيا ويندا. ون ڊي انٽرنيشنل سيريز جو پهريون ميچ 30 آڪٽوبر تي راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پرڌيهي ڪمپني جي تعاون سان سيريز جي ايڇ ڊي پروڊڪشن پاڻ ڪندو. ايڇ ڊي ڪوريج دوران 18 ڪيمرن جو استعمال ڪيو ويندو. آءِ سي سي قانون جي تحت سيريز جي دوران ڊي آر ايس جي به سهوليت هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔