روسي سوشل ميڊيا اسٽار پنهنجي نئين مرسڊيز کي باهه ڏئي ڇڏي

ماسڪو: روسي سوشل ميڊيا اسٽار پنهنجي نئين مرسڊيز کي مڪمل طور تي ساڙي راک ڪري ڇڏيو آهي هو ڪمپني پاران تيار ڪيل مرسڊيز مان مطمئن نه هو. رپورٽ موجب نوجوان سوشل ميڊيا اسٽار ميخائل لينون قيمتي ڪار کي باهه ڏيڻ جي وڊيو يو ٽيوب تي به اپ لوڊ ڪئي آهي جنهن کي هينئر تائين هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو ڏسي چڪا آهن.ميخائل ڊسمبر 2019 تي بالڪل نئين مرسڊيز اي ايم جي، جي 63 خريد ڪئي هئي جنهن جي لاءِ هن هڪ لک سترنهن هزار ڊالر(2 ڪروڙ 72 لک روپيه) خرچ ڪيا هئا پر هو پنهنجي گاڏي مان مطمئن نه هو ۽ ان جي مايوسي ڪاوڙ ۾ بدلجي چڪي هئي. ميخائل جي بقول هن اها ڪار صرف 15 هزار ڪلو ميٽر تائين هلائي هئي ۽ ان کان پوءِ ڪار خراب ٿيڻ لڳي. گذريل 10 مهينن کان هو مختلف ورڪشاپن ۾ ايندي ويندي رهي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڪيترائي ڀيرا مرمت سبب ميخائل ليئون تنگ اچي چڪو هو جنهن کان پوءِ تنگ اچي ڪار کي باهه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.ذريعن موجب هو ڪار خريد ڪرڻ کان پوءِ چار ڀيرا مرسڊيز جي ورڪشاپ تي ويو پر ان جي گاڏي جي بهتر مرمت نه ٿي سگهي پوءِ چوٿون ڀيرو ڪمپني جي ورڪشاپ ۾ ڪم ڪندڙن به ڪار ٺيڪ ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ ميخائل گاڏي کڻي پنهنجي دوست وٽ پهتو جيڪو مرسڊيز جو ماهر ڪاريگر هو.هن ٻڌايو ته گاڏي ۾ ڪجهه پرزا اصل ناهن جيڪي ڪنهن ٻئي دڪان تان وٺي لڳايا ويا آهن. ان تي هن جي ڪاوڙ آخري حد تائين پهچي وئي ۽ هن پنهنجي مرسڊيز کي ڊرامائي انداز ۾ الوداع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو هڪ سنسان جڳهه تي ويو ۽ مرسڊيز کي تيل هاري باهه ڏئي ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔