دل جي مريضن کي ڪورونا وائرس ڪيئن متاثر ڪندو آهي؟

واشنگٽن: ڪورونا وائرس جي حوالي سان ڪيل هڪ نئين تحقيق موجب دل جي بيماري ۾ مبتلا مريضن ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتگي جو خطرو وڌيڪ هوندو آهي.دل جي مرض ۾ مبتلا مريضن ۾ ڪورونا سبب موت جو خطرو جانچڻ جي لاءِ برطانوي ڊاڪٽرز اسپتالن ۾ داخل 300 کان وڌيڪ اهڙن مريضن جو مشاهدو ڪيو جن ۾ ٽروپوئن(زخمي دل مان خارج ٿيندڙ پروٽين) جي سطح بلند هئي. آمريڪي ڪاليج آف ڪارڊيالوجي جرنل ۾ شايع ٿيندڙ هن مشاهدي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايڪوڪارڊيوگرام جي دوران دل جي سائز، ساخت، شڪل ۽ فعل ۾ تبديليون رکندڙ مريضن ۾ موت جو خطرو وڌيڪ هوندو آهي. رت ۾ ٽروپوئن کان سواءِ مريضن ۾ فوتگين جي شرح 5.2 سيڪڙو جڏهن ته بلند ٽروپوئن جي سطح ۽ دل جي ساخت نارمل نظر ايندڙ مريضن ۾ موت جي شرح 18.6 سيڪڙو پر هارٽ ريموڊلنگ ۽ بلند سطح تي ٽروپوئن سان گڏ اها شرح 31.7 سيڪڙو تائين ڏٺي وئي.طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته ٻئي عمل جي نشاندهي دوران ڪارڊيڪ ريموڊلنگ سان گڏ صرف ٽروپوئن جي بلند سطح ئي مريضن جي فوتگي جو سبب بڻي. نيويارڪ سٽي جي مائونٽ سنائي ۾ واقع آئيکهن اسڪول آف ميڊيسن جي شريڪ مصنف گينيرو گسٽيٽو هڪ پرڏيهي اخبار کي انٽرويو ڏيندي چيو هو ته ٽروپوئن جي بلند سطح سان گڏ ڪورونا جي مريضن جي سڃاڻپ جانچ ۽ علاج بابت حڪمت عملي ۾ رهنمائي جي لاءِ ايڪوڪارڊيو گرافي لازمي ڪرائڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔