زوم صارفين جي پرائيويسي کي وڌيڪ محفوظ بنائڻ لاءِ فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو

لنڊن: ڪورونا وبا دوران سڄي دنيا ۾ سڀني کان مشهور ٿيندڙ وڊيو ڪالنگ ايپ زوم صارفين جي پرائيويسي ۽ ڊيوائس کي محفوظ رکڻ جي لاءِ اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن جو فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.زوم طرفان پيش ڪيل اينڊٽو اينڊ انڪرپشن فيچر مان زوم جي مفت ۽ پيڊ ٻئي صارفين فائدو حاصل ڪري سگهندا. جنهن جي تحت صارفين جي پرائيويسي بهتر ٿي ويندي. هن فيچر کان پوءِ هاڻ صارفين جي زوم تي ميٽنگ جي پرائيويسي ۽ ان جو ڊيٽا اڳ کان وڌيڪ محفوظ رهندو.واضح رهي ته هلندڙ سال اپريل ۾ سائبر سيڪيورٽي جي فرم ابنارمل سيڪيورٽي اي ميل جي ذريعي آگاهه ڪيو هو ته ڪورونا لاڪ ڊائون جي دوران زوم جي استعمال ۾ تيزي سان واڌ ڏٺي وئي آهي ڇو ته ماڻهو گهرن ۾ ڪم ڪرڻ سبب ان ذريعي هڪ ٻئي سان رابطي ۾ آهن جنهن مان هو آفيسن جا معاملا، اسڪول، ڪلاس ۽ ٻين ميٽنگز ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔