وفاقي حڪومت دوائن جي اگهن ۾ ٻيهر واڌ ڪري ڇڏي، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد: مهانگائي جي ماريل عوام لاءِ هڪ ٻئي بري خبر سامهون اچي وئي آهي. حياتي بچائيندڙ 94 دوائن جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.حڪومت ڊرگ مافيا جي آڏو گوڏا کوڙيندي 94 دوائن جي اگهن ۾ 9 کان 262 سيڪڙو تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. دوائن ۾ بخار، مٿي جو سور، دل جي بيماري، مليريا، شوگر، گلي ۾ خراش ۽ زڪام جون دوائون شامل آهن. حڪومتي ناقص پاليسين سبب دوائن جي اگهن ۾ واڌ هاڻ روٽين ٿي وئي آهي.اگهن ۾ واڌ ڪيل دوائن ۾ اينٽي بائيوٽڪس، پيٽ جو سور، اک، ڪن، ڏند، وات، بلڊ انفيڪشن جون دوائون چمڙي جي مرض، ويم کان پوءِ استعمال ٿيندڙ دوائن سميت مختلف دوائون مهانگيون ٿي ويون آهن. 68 مقامي دوائن ۽ 26 امپورٽڊ دوائن جي اگهن ۾ واڌ ٿي وئي آهي.حڪومت جو چوڻ آهي ته مارڪيٽ ۾ دوائن جي دستيابي گهٽ ٿيڻ سان وفاقي حڪومت کي مجبورن اضافو ڪرڻو پيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔