ترڪي جي قومي اسيمبلي فرانسيسي صدر کي ”ملعون“ قرار ڏئي ڇڏيو

انقرا :ترڪي جي قومي اسيمبلي جي جنرل ڪميٽي اسلام مخالف بيانن تي فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون کي ”ملعون“ قرار ڏيڻ بابت ميمورينڊم منظور ڪري ورتو.
ميمورينڊم ۾ اسلام مخالف روين خلاف هر هڪ کان عقل کان ڪم وٺڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.
ميمورينڊم ۾ چيو ويو آهي ته ترڪي قومي اسيمبلي ۾ سياسي پارٽين جي نمائندن جي حيثيت سان اسان فرانس جي صدر جي اسلام، پاڻ سڳورن صه ۽ مسلمانن خلاف گستاخ، چڙ ڏياريندڙ، خطرناڪ بيانن تي مٿس شدت سان لعنت وجهون ٿا ۽ انهن کي رد ڪيون ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔