وزيراعظم عمران خان پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ تي حملي واري ڪيس مان آجو قرار

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان کي پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ تي حملي واري ڪيس مان آجو قرار ڏنو ويو ، اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪيس تي محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، وزيراعظم عمران خان جي بريت واري درخواست منظور، صدر عارف علوي کي صدارتي ڇوٽ هجڻ سبب اُن حد تائين ڪيس کي داخلِ دفتر ڪيو ويو، عدالت طرفان ڪيس ۾ نامزد 12 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، وفاقي وزير پرويز خٽڪ، شفقت محمود، اسد عمر، جهانگير ترين، عليم خان ۽ ٻيا جوابدار فرد جرم لاءِ 21 نومبر تي طلب، طاهر القادري ڪيس ۾ روپوش قرار آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔