سينيٽ ۾ آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس پيش نه ٿيڻ خلاف اپوزيشن پاران احتجاج

اسلام آباد : سينيٽ ۾ آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس پيش نه ٿيڻ خلاف اپوزيشن پاران احتجاج ڪيو ويو ، ايوان ۾ شيم شيم ۽ غيرآئيني آرڊيننس نامنظور جا نعرا هنيا ويا ، اجلاس دوران سينيٽر بهرامند تنگي چيو ته هڪ آرڊيننس ذريعي صوبن جي ملڪيتن تي قبضو ڪرڻ غير آئيني آهي، رات جي اونداهي ۾ آرڊيننس فيڪٽري مان آرڊيننس جاري ڪري ٻيٽن تي قبصو ڪيئن ٿو ڪري سگهجي؟ معاملي تي پارليامينٽ ۾ بحث ڪيو وڃي، وفاقي وزير علي زيدي چيو ته آرڊيننس وارو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، هاڻي عدالت جي فيصلي جو انتظار ڪرڻ گهرجي، فاٽا جي معاملي تي ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي سينيٽر هدايت الله جو احتجاج، جماعت اسلامي، پختونخواه ميپ ۽ فاٽا جا سينيٽرز واڪ آئوٽ ڪري ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔