اُم رباب جي 3 ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ روپوش جوابدارن جي گرفتاري آپريشن جاري

ڪراچي: اُم رباب جي ٽن ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس جون ڦڙتيون جاري آهن، قمبر ۽ ميهڙ جي جابلو پٽي تي پوليس جو آپريشن جاري آهي، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻو جي ڊي آءِ جيز جِي اڳواڻي ۾ پوليس جون ڪارروائيون جاري آهن، پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جي قمبر واري بنگلي ۽ گڙتل واري علائقي ۾ رهائشگاهه کي ڪڙو چاڙهيو ويو ، پوليس ڪيتري ئي دير تائين ٻنهي گهرن تي سرچ آپريشن ڪيو، ڪيترائي شڪي ماڻهو گرفتار ٿيڻ جا اطلاع آهن ، ان موقعي تي اُم رباب چيو ته ٻن سالن کان پوليس ڪوبه ڪم نه پئي ڪيو ۽ رڳو آسرا ملي رهيا هئا، سپريم ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ پوليس جي ڪارروائي نظر اچي رهي آهي، اُميد ته جوابدار گرفتار ٿيندا ۽ عدليه مان انصاف ملندو، آءِ جي سنڌ به جوابدارن جي جلد گرفتاري جي خاطري ڪرائي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔