ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ: لاهور ۾ جزوي پابنديون لڳائڻ جو فيصلو

لاهور: پنجاب جي صحت کاتي ڪورونا ڪيس ۾ واڌ کي نظر ۾ رکندي سڀاڻي جمعي کان جزوي پابنديون لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

صحت کاتي جي سيڪريٽري محمد عثمان چيو آهي ته ڪورونا جي مريضن جو انگ 2 سيڪڙو کان وڌڻ تي پابنديون لڳايون وينديون. لاهور ۽ راولپنڊي ۾ مريضن جو انگ 2 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. محمد عثمان جو چوڻ آهي ته 30 آڪٽوبر جمعي کان لاهور جا شاپنگ مال، دڪانون ۽ هوٽلون رات جو 10 وڳي بند ڪيون وينديون. تفريحي هنڌ شام جو 6 وڳي بند ڪيا ويندا جڏهن ته شادي هالن جو وقت اڳ ئي رات جو 10 وڳي تائين آهي.

پنجاب جي صحت واري سيڪريٽري چيو آهي ته پابنديون دوائن جي دڪانن، بيڪرين ۽ کير ڏهي جي دڪانن تي لاڳو نه هونديون ياد رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ کي نظر ۾ رکندي نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول(اين سي او سي) به شادي  هالز ۽ هوٽلون رات جو 10 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔