ڪورونا وائرس کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ احتياط لازمي آهي: اسد عمر

اسلام آباد: وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪورونا کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪڻ جي لاءِ احتياط لازمي آهي.

وفاقي وزير اسد عمر سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي لکيو آهي ته 70 ڏينهن کان پوءِ ڪورونا پازيٽو ٿيڻ جي شرح 3 سيڪڙو وڌي وئي آهي پر هاڻ ڪورونا کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪڻ جي لاءِ احتياط لازمي آهي.

هن چيو ته نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر(اين سي او سي) ڪجهه عوامي سرگرمين  تي پابنديون سخت ڪيون آهن. واضح رهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسن جي پکيڙ ۾ تيزي اچي وئي آهي ۽  سڄي ملڪ ۾ 3  مهينن کان پوءِ ڪورونا جا 900 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

ڪورونا وائرس سبب  پاڪستان ۾ وڌيڪ 16 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن ۽ فوتين جو گڏيل انگ 6 هزار 775 ٿي ويو آهي. نيشنل  ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جا 908 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ متاثر ماڻهن جو گڏيل انگ 3 لک 31 هزار 108 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔