ڪجهه به نٿو ٻڌائي سگهان ته اسڪول ٻيهر ڪڏهن بند ٿي وڃن: سعيد غني

ڪراچي: سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪورونا جي صورتحال کان پوءِ اسڪول کليل آهن پر ڪجهه به نٿو ٻڌائي سگهان ٻيهر ڪڏهن اسڪول بند ٿي وڃن.

ڪراچي جي هڪ اسڪول ۾ شاگردن ۾ ٽيبليٽس ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي سعيد غني چيو ته 30 کان وڌيڪ نون اسڪولن ۾ به تعليم جو سلسلو جلد شروع ڪيو ويندو.

سنڌ ۾ 40 هزار اسڪول آهن ۽ اسان کي ڪنهن اين جي او جي رحم ڪرم تي نه رهڻ گهرجي. اسان کي پاڻ اڳيان وڌي اهڙا اسڪول ٺاهڻا آهن. هن چيو ته ڪورونا جي صورتحال دوران اسڪول بند رهيا پر اسڪول بند هجڻ سبب تعليم کي به نقصان ٿيو هاڻ اسڪول کليل آهن پر ڪجهه به خبر ناهي ته ٻيهر ڪڏهن اسڪول بند ٿي وڃن.

تعليم واري وزير چيو ته جيڪڏهن اسڪول بند ٿيا ته هنن ٽيبليٽس جي ذريعي ٻار گهر ويهي آن لائن پڙهي سگهن ٿا پر ڪجهه علائقن ۾ انٽرنيٽ ۽ ٻيون سهوليتون ناهن پر 60 سيڪڙو علائقن ۾ ائين ممڪن آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔