حڪومت وڃڻ کان اڳ سمورا ڪيس ختم ٿي ويندا: ڪيپٽن(ر) صفدر

اسلام آباد: مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ڪيپٽن(ر) صفدر اعواڻ چيو آهي ته حڪومت وڃڻ کان اڳ سمورا ڪيس ختم ٿي ويندا.

مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ڪيپٽن(ر) محمد صفدر صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اسان تي ٺاهيل ڪيس سياسي آهن جن جي ڪابه حيثيت نه آهي. هن حڪومتي اڳواڻن جي طرف اشارو ڪندي چيو ته هنن جون بدنيتون سامهون اچڻ شروع ٿي ويون آهن.

هن چيو ته اسان تي هي سياسي ڪيس ٺاهيا ويا آهن جنهن جي ڪابه حيثيت ناهي. جڏهن ته هر 20 ڏينهن کان پوءِ منهنجي مٿان نئون ٺاهيو ويندو آهي.

هن چيو ته جڏهن ڪيس نٿو ٺهي ته دهشتگردي جا قلم  هڻي ڇڏيندا آهن اهڙي طرح  پشاور ۾ منهنجي خلاف ڪيس داخل ڪرائي وارنٽ جاري ڪيا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔