هولو ڪاسٽ جيان اسلام مخالف مواد تي به پابندي لڳائي وڃي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد : هولو ڪاسٽ جيان اسلام مخالف مواد تي به پابندي لڳائي وڃي، وزيراعظم عمران خان فيس بُڪ جي باني مارڪ زُڪربرگ کي خط لکي ڇڏيو، خط ۾ وزيراعظم چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي وڌندڙ اسلامو فوبيا دُنيا ۾ نفرت، انتهاپسندي ۽ تشدد کي هٿي ڏئي رهيو آهي، هولو ڪاسٽ تي سوال ۽ تنقيد وارين پوسٽس جيان اسلام مخالف مواد به شيئر ڪرڻ تي پابندي لڳائي وڃي، وزيراعظم طرفان فيس بُڪ جي باني کان نفرت وارن پيغامن تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو، پرڏيهي کاتي توهين آميز خاڪن تي فرانسيسي سفير کي طلب ڪري ورتو، پاڪستان طرفان اسلام مخالف مهم تي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وقت اچي ويو آهي ته اهڙن مامرن تي اجتماعي فيصلو ڪيو وڃي، مذهب ملڪن کي مسلمانن جي جذبن جو احترام ڪرڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔