پاڪستان افغانستان جي هر حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان افغانستان جي هر حڪومت سان گڏ ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي.

وزيراعظم عمران خان پاڪ افغان واپار بابت سرمائيڪاري فورم 2020 جي سيمينار کي خطاب ڪندي چيو اهي ته خطي جا افغانستان سان رابطا صدين کان آهن پر افغانستان ۾ تڪرار سبب ٻنهي ملڪن کي نقصان پهتو. پاڪستان پرامن افغانستان جو خواهشمند آهي.

هن چيو ته  دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان ۽ افغانستان ٻنهي ملڪن کي نقصان پهتو. جڏهن ته افغانستان ۾ تڪرار ٻنهي ملڪن ۾ غلط فهمين کي جنم ڏنو. ٻاهرين دٻاءُ سبب افغانستان جي عوام مٿان راءِ  نٿي مڙهي سگهجي.

هاڻ افغانستان جي ماڻهن کي پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻا پوندا. وزيراعظم چيو ته وقت اچي ويو آهي ته احساس ڪريون ته اسان ماضي ۾ ڇا وڃايو ۽ ڇا حاصل ڪيو. انسان ماضي مان سکندو آهي. ماضي رهندو ناهي ۽ عوامي رابطن سان گڏيل لاڳاپن کي هٿي ملندي.

ٻنهي ملڪن ۾ عوامي ۽ سياسي رابطن کي هٿي ملندي. حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ منهنجي حڪومت جي مخلصاڻي ڪوشش آهي ته ملڪن ۾ واپاري لاڳاپا پيدا ٿيندا. 

هن چيو ته  افغانستان ۽ پاڪستان ۾ ترقي جي لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين ۽ افغانستان ۾ امن اچڻ سان پاڪستان ۽ ٻين ملڪن کي به فائدو ٿيندو. اسان کي ماضي مان نڪري واپار، معيشت ۽ امن طرف وڃڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔