مڪسڊ مارشل آرٽ چيمپئن خبيب نورما گوميدوف رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ماسڪو: مڪسڊ مارشل آرٽس ۾ ناقابل شڪست لائٽ ورلڊ چيمپئن خبيب نورما گوميدوف رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏي آهي.
لائٽ ويٽ ورلڊ چيمپئن خبيب نورما گوميدوف پنهنجي آخري فائٽ ۾ آمريڪا جي جسٽن گيچي کي مات ڏني جنهن کانپوءِ هن رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو.
روس سان تعلق رکندڙ خبيب نورما گوميدوف 2008 ۾ مڪسڊ مارشل آرٽس ۾ ڊيبيو ڪيو هو ۽ ڪيريئر جي شروعات کان ئي شڪست خبيب وٽ به نه ٽڪي سگهي.
خبيب نورما گوميدوف 12 سال ناقابل شڪست رهيو ۽ سندس مخالفن کي شڪست مڃڻي پئي.
ابوظهبي ۾ ٿيل آخري ويڙهه ۾ به خبيب پنهنجي مخالف آمريڪا جي جسٽن گيچي کي ٻئين رائونڊ ۾ ئي ڍير ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔