آمريڪي نائب صدر جو چيف آف اسٽاف به ڪورونا جو شڪار

واشنگٽن: آمريڪي نائب صدر مائيڪ پينس جو چيف آف اسٽاف مارڪ شارٽ به ڪورونا جو شڪار ٿي ويو جنهن کانپوءِ هلندڙ هفتي عالمي وبا کان متاثر وائٽ هائوس جو ٻيون اعليٰ ملازم آهي.
مائيڪ پينس جي پريس سيڪريٽري ڊيون اوميلي پاران جاري بيان موجب آمريڪي نائب صدر مائيڪ پينس جي چيف آف اسٽاف مارڪ شارٽ جو ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيو آهي جنهن بعد مارڪ شارٽ عليحدگي اختيار ڪري ورتي آهي.
پريس سيڪريٽري ڊيون اوميلي جو وڌيڪ چوڻ هو ته مارڪ شارٽ کانپوءِ آمريڪي صدر مائيڪ پينس ۽ سندس زال جو به ڪورونا ٽيشٽ ڪيو ويو پر انهن ٻنهي جو ٽيسٽ منفي آيو آهي ۽ ٻنهي جي صحت به بهتر آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔