ڀارتي گلوڪاره نيها ڪَڪڙ شادي ڪري ڇڏي

نئين دهلي: ڀارت جي مشهور گلوڪاره نيها ڪَڪڙ گذريل ڏينهن گلوڪار روهن پريت سان شادي ڪري ڇڏي آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ گلوڪاره نيها ڪَڪڙ جو نئون گانو”نيها دا ويا“ رليز ٿيو هو جنهن ۾ هن سان گڏ گلوڪار روهن پريت سنگهه به نظر آيو.
هاڻ گلوڪاره روهن پريت سنگهه سان شادي ڪري ڇڏي آهي ۽ ان حوالي سان پنهنجي مداحن سان تصويرون به شيئر ڪري رهي آهي.
نيها ڪَڪڙ پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي سڀ کان پهريان بلدي جون تصويرون پوسٽ ڪيون هيون جنهن ۾ هن پيلي رنگ جو خوبصورت فراڪ پاتو هو.
ان کانپوءِ گلوڪاره نيها ڪَڪڙ پنهنجي مهندي جي تقريب جون ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون جنهن ۾ هن سائي رنگ جو وڳو پاتو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب گذريل ڏينهن نيها ڪَڪڙ نئين دهلي جي گوردواري ۾ سک روايتن تحت شادي ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔