فيفا ورلڊ ڪپ 2026 ۾ 1248 رانديگرن جي شموليت

دبئي : فيفا ورلڊ ڪپ 2026 لاءِ سڀني 48 ٽيمن جا اسڪواڊ فائنل ٿي ويا آهن، هن ايونٽ ۾ مجموعي طور تي 1248 رانديگر شامل هوندا. کيلن جي دنيا جو هي سڀ کان وڏو ميلو، فيفا فٽبال ورلڊ ڪپ، 12 جون کان شروع ٿيندو. آمريڪا، ميڪسيڪو ۽ ڪينيڊا جي گڏيل ميزباني ۾ ٿيندڙ هي پهريون فٽبال ورلڊ ڪپ آهي جنهن ۾ 48 ٽيمن کي شامل ڪيو ويو آهي. ٽورنامينٽ ۾ شريڪ 48 ٽيمن کي 12 گروپن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ هر گروپ 4 ٽيمن تي ٻڌل آهي، جڏهن ته مجموعي طور تي 104 ميچون کيڏيون وينديون. فيفا ورلڊ ڪپ 2026 لاءِ سڀني 48 ٽيمن جا اسڪواڊ فائنل ٿيڻ کانپوءِ، مجموعي طور تي 1248 رانديگر شامل ٿي چڪا آهن، جنهن سان گڏ ئي هي ايونٽ فيفا ورلڊ ڪپ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو ٽورنامينٽ بڻجي ويو آهي. 357 رانديگر اڳ ۾ به فيفا ورلڊ ڪپ کيڏي چڪا آهن، جڏهن ته 891 رانديگر پهريون ڀيرو ميدان ۾ لهندا. ليونل ميسي، ڪرسٽيانو رونالڊو ۽ گيلرمو اوچوا پنهنجو ڇهون ورلڊ ڪپ کيڏڻ لاءِ تيار آهن. 4 ملڪ ڪيپ ورڊي، ڪوراسائو، اردن ۽ ازبڪستان پهريون ڀيرو ورلڊ ڪپ ۾ شامل ٿيا آهن. فيفا ورلڊ ڪپ 2026 ۾ سڀ کان ننڍي عمر جو رانديگر 17 سالن جو آهي، جڏهن ته سڀ کان وڏي عمر جو رانديگر 43 سالن جو شامل آهي. ايونٽ ۾ شريڪ 7 رانديگرن جي عمر 40 سالن کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته انڊر-20 (20 سالن کان گهٽ عمر) جا 22 رانديگر به حصو وٺي رهيا آهن.

تبصرے بند ہیں۔