پاڪستان لاءِ عظيم خوشخبري،آخرڪار اسان درست پاسي ۾ نڪري پيا آهيون:وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان لاءِ عظيم خوشخبري آهي ۽ اسان آخر ڪار درست پاسي تي نڪري پيا آهيون .

سوشل ميڊيا تي پنهنجي ٽوئيٽر بيان ۾ وزيراعظم عمران خان ٻڌايو ته سيپٽمبر ۾ 73 ملين ڊالر جي سرپلس سان ڪرنٽ اڪائونٽ پهرين ٽه ماهي لاءِ 792 ملين ڊالر سرپلس ٿي ويو آهي .

وزيراعظم چيو ته گذريل سال ان ئي عرصي ۾ 1492 ملين ڊالر خساري کي منهن ڏئي رهيا هئاسين جڏهن ته گذريل مهيني ۾ ايڪسپورٽ 29 سيڪڙو وڌي ۽ ناڻي جي مٽا سٽا ۾ 9 سيڪڙو اضافو ٿيو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔