گلشن اقبال ۾ ڌماڪو گئس پائيپ لائين ليڪيج جو نتيجو ناهي، ترجمان سوئي سدرن

ڪراچي ؛ ڪراچي جي گلشن اقبال واري علائقي ۾ ڌماڪي بابت ترجمان سوئي سدرن جو چوڻ آهي ته گلشن اقبال ۾ واقع مسڪن چورنگي ڌماڪو گئس پائيپ لائين ليڪيج جو نتيجو ناهي، ڌماڪو صبح ساڍي 9 وڳي گلشن اقبال جي مسڪن چورنگي وٽ واقع رهائشي عمارت ۾ ٿيو، ڌماڪي جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو، ترجمان سوئي سدرن جو چوڻ آهي ته ڌماڪو گئس پائيپ لائين ليڪيج جو نتيجو نه آهي، متاثر عمارت جي گئس بند ڪئي وئي آهي، انچارج سي ٽي ڊي مظهر مشواني جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور ڌماڪو گئس سلينڊر لڳي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔