گل جي خوشبو سان ”ذهني پريشاني“ ختم ڪيو…!

گل رڳو خوشبو يا محبت جي اظهار جو ئي ذريعو نه آهن پر گھڻن مرضن جي علاج ۾ به مددگار ثابت ٿيندا آهن.
گل کي سنگھڻ سان مختلف مرضن جو علاج ممڪن آهي جنهن مان شايد اڄ تائين اوهان اڻ واقف هوندا، مختلف گلن جي بوءِ سان ڪيترائي طبي فائدا حاصل ٿيندا آهن، زعفران جي گلن جي خوشبو ۾ اهو جادو آهي جنهن کي سنگھڻ سان ئي چپن تي مرڪ اچي ويندي آهي.
ماهرن موجب گلاب جو کاڌو ۽ پيئڻ هڪ پاسي رڳ وسنگھڻ سان ئي دل جي ڌڙڪي ۾ نظم پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي، جيڪڏهن ڏندن ۾ ماڪوڙي يا جيت لڳي وڃي ته تڪليف کان ڇوٽڪاري لاءِ چنبيلي جا پن چٻاڙيا وڃن ته ڏندن ۾ لڳل ماڪوڙي ختم ٿي ويندي آهي.
موتيا گل جي خوشبوءَ جا به طبي فائدا آهن، موتيا جي خوشبو بي خوابي ۽ ذهني پريشاني ختم ڪرڻ سان گڏوگو رت جو وهڪرو به ڪنٽرو رکي ٿي.
اهڙي طرح گينڊي جي گل جا به فائدا موجود آهن، گينڊي جي گل جي خوشبو دم ۽ يرقان ۾ فائديمند آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔