اربين روپيه خرچ ڪرڻ باوجود اپوزيشن جو سياسي ايراني سرڪس ناڪام ٿي ويو: فياض الحسن

لاهور:: پنجاب جي اطلاعات واري وزير فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته اربين روپيه خرچ ڪرڻ باوجود اپوزيشن جو سياسي ايراني سرڪس ناڪام ٿي ويو عوام ابو بچايو ڪرپشن لڪايو تحريڪ کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب پنجاب جي اطلاعات واري وزير فياض الحسن چوهاڻ مخالف ڌر جي جلسي تي ڳالهائيندي چيو ته هڪ ارب 3 ڪروڙ روپيه خرچ ڪرڻ جي باوجود  لڳل سياسي ايراني سرڪس ناڪام ٿي ويو ۽ مخالف ڌر جون 11 پارٽيون ملي به 9 هزار کان وڌيڪ ماڻهو گڏ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويون.

هن چيو ته سڄي پاڪستان مان في اپوزيشن پارٽي جا 700 ماڻهو بڻجندا آهن جڏهن ته ان کان وڌيڪ ماڻهو ته وزيراعظم عمران خان آمريڪا ۾ گڏ ڪري ورتا هئا. فياض الحسن چوهاڻ چيو ته اسٽيڊيم خالي هجڻ عوام جي طرفان ابو بچايو ڪرپشن لڪايو تحريڪ مان لاتعلقي جو اظهار آهي ۽ ڪرپٽ ٽولي کي عوام جو لٽيل پئسو واپس ڪرڻ جي طرف گامزن هجڻ گهرجي.

هن چيو ته حڪومت طرفان جلسي   واري رستي ۾ ڪابه رنڊڪ نه وڌي وئي هئي. جڏهن ته  وزيراعظم عمران خان جي اڳواڻي ۾ سمورا مائڪرو ۽ ميڪرو معاشي اشارا بهتري طرف وڃي رهيا آهن. ياد رهي ته گذريل ڏينهن وزيراعظم عمران خان چيو هو ته مخالف ڌر جي تحريڪ مان اسان کي ڪوبه مسئلو ناهي. مان ته چاهيان ٿو ته هي روزاني جلسو ڪن. مخالف ڌر عوام جي سامهون بي نقاب ٿي رهي آهي.

وزيراعظم وڌيڪ چيو هو ته مهانگائي تي جلد قابو ڪري وٺنداسين. جڏهن ته ملڪي مسئلن جا ذميوار اڳوڻا حڪمران آهن ۽ هي پنهنجي ڪيل ڪرپشن ۽ لٽيل دولت بچائڻ جي لاءِ نڪتا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔