اڻڄاتل هٿياربندن جو نيٽو ڪنٽينرن تي حملو، باهه

خيبر : خيبر پختونخواهه جي قبيلائي ضلعي خيبر ۾ اڻڄاتل هٿياربندن افغانستان ۾ نيٽو فوج لاءِ سپلاءِ کڻي ويندڙ گاڏين تي حملو ڪري ڏنو ۽ فائرنگ کانپوءِ ٻن ڪنٽينرن کي باهه ڏئي ڇڏي.
اطلاع ملندي ئي پوليس، ايف سي ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙن ادارن جون اختياريون واقعي واري هنڌ پهتيون، ريسڪيو 1122 جي ٽيمن امدادي سرگرمين ۾ حصو ورتو ۽ باهه تي ضابطو آندو.
خيبر پوليس واقعي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته حملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، واقعو جمعي نماز وقت خيبر جي تعلقي باڙا فرينٽر روڊ تي عزيز پلازا ڀرسان پيش آيو.
پوليس موجب ڪجهه اڻڄاتل ماڻهن نيٽو جي ٻن ڪنٽينرن کي روڪيو، ڊرائيورن ۽ ڪنڊيڪٽرن تي هيٺ لاٿو ۽ پيٽرول هاري انهن کي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن سان نيٽو جون 4 بڪتربند گاڏيون به سڙي رک ٿي ويون پر ڪو جاني نقصان ناهي ٿيو.
پوليس اختيارين واقعي کي دهشتگرد ڪارروائي قرار ڏيندي چيو سي ٽي ڊي حملي جو ڪيس داخل ڪري جاچ ڪندي.
هوڏانهن سي ٽي ڊي پوليس واقعي جو ڪيس اڻڄاتل جوابدارن خلاف دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ جي سيڪشن 7 تحت داخل ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔