آءِ ايم ايف جو پاڪستان ۾ سادگي باوجود حڪومتي خرچ وڌڻ جو انڪشاف

اسلام آباد: آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ سادگي ۽ ڪفايت شعاري مهم جي باوجود حڪومتي خرچ وڌي ويا ۽ پاڪستان جي قرضن جو بار جي ڊي پي جي 87.2 سيڪڙو تائين پهچي چڪو آهي.
ان ڏس ۾ آءِ ايم ايف (عالمي مالياتي فنڊ) طرفان جاري ڪيل ڪورونا مانيٽرنگ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2019ع جي ڀيٽ ۾ 2020ع ۾ خرچ هڪ سيڪڙو وڌي ويا آحن ۽ ايندڙ سال به مالياتي خسارو 6.7 سيڪڙو رهڻ جو خدشو آهي.
آءِ ايم ايف جي پاڪستان بابت رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته حڪومتي خرچ هلندڙ سال 22 کان وڌيڪ 23 ٿي ويا آهن، 2019ع ۾ قرضن جو بار معيشت جو 85.6 سيڪڙو هو جيڪو هاڻ وڌي 87.2 سيڪڙو تائين پهچي چڪو آهي، ايندڙ سال قرضن جو اِهو بار جي ڊي پي جو 86 سيڪڙو رهڻ جا امڪان آهن، جڏهن ته پاڪستان جي قانون موجب ملڪي قرض معيشت جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ نه هئڻ گهرجن.
ڪورونا مانيٽرنگ رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سال 2023ع ۾ پاڪستان جي معيشت بهتري ڏانهن گامزن هوندي ۽ ترقي ڪندو، قرضن، خرچن ۽ مالي خساري ۾ به گهٽتائي جي اميد آهي، 2023ع ۾ ٽيڪس آمدن معيشت جو 17.7 سيڪڙو قرض ۽ 78.3 سيڪڙو جي برابر هئڻ جا امڪان آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔