ڪراچي: اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته مئي 2026ع ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ کاتو 45.9 ڪروڙ ڊالر سرپلس رهيو. اسٽيٽ بئنڪ موجب، هلندڙ مالي سال جي 11 مهينن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ کاتو 25.5 ڪروڙ ڊالر سرپلس آهي. پاڪستان مئي جي مهيني ۾ دنيا مان 5.6 ارب ڊالرن جو مال خريد ڪيو، جڏهن ته مئي ۾ پاڪستان دنيا کي 2.3 ارب ڊالرن جو مال وڪرو ڪيو. مرڪزي بئنڪ موجب، مئي جو واپاري خسارو 3.3 ارب ڊالر رهيو ۽ 11 مهينن جو مجموعي واپاري خسارو 24.3 ارب ڊالر آهي، جڏهن ته انهن 11 مهينن دوران دنيا مان 54 ارب ڊالرن جو مال خريد ڪيو ويو. اسٽيٽ بئنڪ جي رپورٽ موجب، 11 مهينن ۾ ايڪسپورٽس (برآمدات) 29.75 ارب ڊالر رهيون. مئي جي مهيني ۾ رڪارڊ 4.2 ارب ڊالرن جي ورڪرز ترسيلات (ڏيهه ڏانهن موڪليل ناڻو) هن بهتري جو بنيادي سبب آهي، جڏهن ته 11 مهينن جي مجموعي ورڪرز ترسيلات 38 ارب ڊالر رهي.
تبصرے بند ہیں۔