سنڌ ڪابينا پاران بجيٽ 27-26 جي منظوري ،پگھارن ۾ واڌ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ جي وڏو وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ نئين مالي سال جي بجيٽ 2027-2026 جي منظوري ڏني وئي.سنڌ ڪابينا جو اجلاس وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ مالي سال 2026-27 لاءِ 3.5 ٽريلين رپين کان وڌيڪ جي صوبائي بجيٽ جي منظوري ڏني وئي آهي.بجيٽ اڄ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ 2 وڳي پيش ڪئي ويندي، جنهن ۾ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، جنهن وٽ فنانس جو قلمدان پڻ آهي، 11 هون ڀيرو بجيٽ پيش ڪندو، جيڪو پاڪستان جي ڪنهن به صوبي جي تاريخ ۾ هڪ رڪارڊ آهي. سنڌ حڪومت مالي سال 2026-27 لاءِ پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام تحت مجموعي طور تي 656 ارب 5 ڪروڙ 55 لک 21 هزار رپين جو وڏو ترقياتي پيڪيج منظور ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ مجموعي طور 3715 ترقياتي اسڪيمون شامل آهن۔ سرڪاري دستاويزن موجب صوبائي ترقياتي پروگرام لاءِ 641 ارب 5 ڪروڙ 55 لک 21 هزار رپيا ۽ ضلعي ترقياتي اسڪيمون لاءِ 15 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن۔تعليم کاتي لاءِ 50 ارب 12 ڪروڙ 15 لک 70 هزار رپيا رکيا ويا آهن، جنهن ۾ 655 اسڪيمون شامل آهن، جن ۾ نوان اسڪول ۽ ڪاليج، پراڻن تعليمي ادارن جي مرمت، يونيورسٽين جي اپگريڊيشن ۽ تعليمي معيار بهتر ڪرڻ جا منصوبا شامل آهن۔صحت کاتي لاءِ 38 ارب 88 ڪروڙ 99 لک 52 هزار رپيا مختص ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ 132 ترقياتي اسڪيمون شامل آهن، جن ۾ اسپتالن جي اپگريڊيشن، نوان هيلٿ سينٽر، ايمرجنسي سروسز جي بهتري ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ بنيادي صحت سهولتون فراهم ڪرڻ جا منصوبا شامل آهن۔ آبپاشي کاتي لاءِ 40 ارب 98 ڪروڙ 26 لک 31 هزار رپيا رکيا ويا آهن، جنهن ۾ 186 اسڪيمون شامل آهن، جن ۾ ڪئنالن جي مرمت، نوان واٽر ڪورسز، زرعي پاڻي جي نظام جي بهتري ۽ پاڻي بچت جا منصوبا شامل آهن۔مڪاني حڪومت کاتي لاءِ 107 ارب 54 ڪروڙ 75 لک 50 هزار رپيا رکيا ويا آهن، جيڪو سڀ کان وڏو حصو آهي، جنهن ۾ 972 اسڪيمون شامل آهن، جن ۾ روڊن جي تعمير، پاڻي ۽ سيوريج سسٽم جي بهتري، صفائي جا منصوبا ۽ شهري انفراسٽرڪچر شامل آهن۔ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ لاءِ 43 ارب 64 ڪروڙ 11 لک 99 هزار رپيا مختص ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ 22 اسڪيمون شامل آهن، جن ۾ ڪراچي ماس ٽرانزٽ، نيون بسون ۽ روڊ نيٽ ورڪ جي بهتري شامل آهي۔ زراعت کاتي لاءِ 13 ارب 85 ڪروڙ 94 لک 60 هزار رپيا رکيا ويا آهن، جنهن ۾ 31 اسڪيمون شامل آهن، جن ۾ جديد زرعي ٽيڪنالاجي، زرعي تحقيق، پاڻي جي بچت ۽ هارين لاءِ سبسڊي پروگرام شامل آهن۔خاص ترقياتي منصوبن لاءِ ڪراچي ميگا پروجيڪٽس تحت 14 ارب 11 ڪروڙ 63 لک 11 هزار رپيا، ٿر ڪوئلو انفراسٽرڪچر لاءِ 10 ارب 20 ڪروڙ رپيا، SDGs پروگرام لاءِ 2 ارب 94 ڪروڙ 65 لک 20 هزار رپيا ۽ پٺتي پيل علائقن لاءِ 1 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن۔ مجموعي طور سنڌ حڪومت جو ترقياتي پروگرام 656 ارب رپين کان وڌيڪ آهي، جنهن ۾ تعليم، صحت، پاڻي، ٽرانسپورٽ ۽ شهري ترقي کي اوليت ڏني وئي آهي۔

تبصرے بند ہیں۔