اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ انڊيڪس 1 لک 81 هزار جي حد بحال

ڪراچي:  پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار دوران تيزي جو سلسلو برقرار آهي.ڪاروباري هفتي جي چوٿين ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي اسٽاڪ ايمسچينج ۾ زبردست تيزي ڏسڻ ۾ آئي، 1100 کان وڌيڪ پوائنٽس جي واڌ سان پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ انڊيڪس هڪ لک 81 هزار 674 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو. واضح رهي ته گذريل ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي اسٽاڪ ايمسچينج ۾ هنڊريڊ انڊيڪس 118 پوائنٽس جي واڌ سان هڪ لک 80 هزار 511 پوائنٽس جي سطح تي بند ٿيو هو. ٻئي طرف انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڪرنسي 1 پئسو سستي ٿي وئي، ڊالر 278.27 رپين مان گهٽ ٿي 278.26 رپين تي اچي ويو آهي.

تبصرے بند ہیں۔