پيرس /تهران : آمريڪا ۽ ايران جنگ ختم ڪرڻ ۽ هرمز کي کولڻ بابت ياداشتي معاهدي تي مقرر وقت کان اڳ ئي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن ۽ اهو معاهدو هاڻي لاڳو ٿي چڪو آهي.آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فرانس ۾ صدر ميڪرون سان گڏ رات جي ماني جي موقعي تي ايران آمريڪا ياداشتي معاهدي تي صحيحون ڪيون، جنهن جي وڊيو وائٽ هائوس جاري ڪئي. سي اين اين موجب 14 نڪتن جو ڊرافٽ
ٻئي طرف، ايراني سرڪاري ميڊيا پاران صدر مسعود پزشڪيان جون تصويرون جاري ڪيون آهن جنهن ۾ هو ياداشتي معاهدي تي صحيحون ڪري رهيو آهي.
ايران سٺو هلت چلت رکندو ته 300 ارب ڊالرن جي فنڊ تائين پهچ حاصل ڪري سگهي ٿو: ٽرمپ
هڪ بيان ۾ آمريڪي صدر چيو ته ايران سان حتمي معاهدي لاءِ 60 ڏينهن جي مدت ڪا ڏکي ڊيڊ لائين ناهي، آمريڪي فوج ڪجهه وقت تائين خليج ۾ موجود رهندي. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران جا تمام گهڻا پئسا منجمد ڪيا آهن ۽ وقت اچڻ تي اهي واپس ڪنداسين، ايران مثبت پيش رفت اپنائي ته پابندين جي حوالي سان اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته ايران سٺو هلت چلت رکندو ته 300 ارب ڊالرن جي فنڊ تائين پهچ حاصل ڪري سگهي ٿو. آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته ايران راضي آهي ته هو نه ايٽم بم ٺاهيندو ۽ نه ئي حاصل ڪندو، جوهري ذخيرن بابت فني (تڪنيڪي) ڳالهيون به جلد شروع ٿي وينديون.
ايران کي بيلسٽڪ ميزائلن کان محروم رکڻ ناانصافي آهي: ٽرمپ
آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته جڏهن خطي جي ٻين ملڪن وٽ بيلسٽڪ ميزائل آهن ته ايران کي انهن ميزائلن کان محروم رکڻ ناانصافي هوندي. ڊونالڊ ٽرمپ پيرس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مان اهو چئي رهيو آهيان ته جيڪڏهن خطي جي ٻين ملڪن جهڙوڪ سعودي عرب ۽ قطر وٽ بيلسٽڪ ميزائل آهن ته ايران وٽ به اهي ميزائل مناسب انگ ۾ هجڻ گهرجن.هن وڌيڪ چيو ته بيلسٽڪ ميزائل مختلف آهن، اسان جوهري معاهدي ۾ انهن بابت ڳالهه نه ڪري رهيا هئاسين. واضح رهي ته آمريڪي صدر جو ايران جي ميزائل پروگرام تي هي بيان آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ طئي ٿيل هڪ عارضي معاهدي جي تناظر ۾ سامهون آيو آهي. ڊونالڊ ٽرمپ ايران آمريڪا مفاهمتي يادداشت تي فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون جي موجودگي ۾ صحيحون ڪيون آهن ۽ ان مفاهمتي يادداشت جو ٽائيٽل “اسلام آباد مفاهمتي يادداشت” رکيو ويو آهي.
ميزائل پروگرام تي ڳالهيون نٿيون ڪري سگهجن، ايراني جوهري مواد ملڪ کان ٻاهر نه موڪليو ويندو: ايران
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته هرمز جي پڻي (آبناءِ هرمز) ۾ جهازن کي فراهم ڪيل خدمتن جي بدلي فيس ورتي ويندي، اسان وٽ افزوده يورينيم کي گهٽ درجي تي آڻڻ جو آپشن موجود آهي. ايراني ميڊيا موجب اسماعيل بقائي سرڪاري ٽي وي سان گفتگو ڪندي چيو ته ايران جي ميزائل پروگرام تي ڳالهيون نٿيون ڪري سگهجن، ايراني جوهري مواد ملڪ کان ٻاهر نه موڪليو ويندو. ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته 60 ڏينهن ۾ ٻي ڌر کي خطي ۾ فوجي موجودگي ۾ اضافو نه ڪرڻ گهرجي ۽ نہ ئي ٻي ڌر کي نيون پابنديون لڳائڻ گهرجن. اسماعيل بقائي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ايران تي لڳل تيل جون پابنديون ختم ٿيڻ گهرجن، ايران کي اڄ کان ايندڙ 60 ڏينهن تائين پنهنجو تيل وڪڻڻ جي اجازت ملڻ گهرجي. هن چيو ته آمريڪا پابند آهي ته ايران جي منجمد اثاثن تائين پهچ جي سلسلي ۾ رڪاوٽون ختم ڪري، ايران جي ميزائلن بابت ڪو ٻيو گفتگو ڪري اهو بلڪل پسند ناهي، ايران جي دفاعي صلاحيتن تي ڪنهن به ڌر سان ڳالهيون نه ڪيون وينديون.
معاهدي جو حتمي متن طئي ٿي ويو، ٻنهي ڌرين اليڪٽرانڪ صحيحون ڪري ڇڏيون: ايران جي تصديق
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان تصديق ڪري ڇڏي آهي ته ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ياداشتي معاهدي جو حتمي متن طئي ٿي ويو آهي ۽ ٻنهي ڌرين اليڪٽرانڪ صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان سرڪاري ٽي وي سان گفتگو ڪندي چيو آهي ته معاهدي جي متن تي ايران ۽ آمريڪا جي صدرن صحيحون ڪيون آهن. ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب جمعي تي سوئٽزرلينڊ ۾ ٿيندڙ ملاقات معاهدي تي صحيحن لاءِ ناهي، سوئٽزرلينڊ ۾ ملاقات ٿيندي يا نه، ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن ۾ فيصلي جو امڪان آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جنيوا ۾ ڳالهين جي ٽيمن جي شرڪت اڃا تائين شيمڊول موجب رهندي. ٻئي طرف وائٽ هائوس جي اختيارين به تصديق ڪئي آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان ياداشتي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن.
آمريڪا ۽ ايران جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ياداشتي معاهدي تي صحيحون ٿي ويون، معاهدو لاڳو
آمريڪي اختيارين آمريڪي ويب سائيٽ کي ٻڌايو آهي ته آمريڪا ۽ ايران جنگ ختم ڪرڻ ۽ هرمز جي پڻي (آبناءِ هرمز) کي کولڻ بابت ياداشتي معاهدي تي مقرر وقت کان اڳ ئي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن، ۽ اهو معاهدو هاڻي لاڳو ٿي چڪو آهي. آمريڪا ۽ ايران جي صدرن ياداشتي معاهدي تي اليڪٽرانڪ صحيحون ڪيون آهن. آمريڪي ويب سائيٽ جي رپورٽ موجب معاهدي تي صحيحون پهريان جمعي تي سوئٽزرلينڊ ۾ ٿيڻيون هيون، پر هڪ ثالث ملڪ جي سفارتڪار ۽ هڪ ٻئي ذريعي اربع جي ڏينهن ٻڌايو ته ڌرين جي وچ ۾ ان عمل کي پهريان مڪمل ڪرڻ ۽ جلد عملدرآمد شروع ڪرڻ تي ڳالهيون جاري هيون. آمريڪي ويب سائيٽ جو چوڻ آهي ته سفارتي ذريعن موجب ان اڳڀرائي جو مقصد هرمز جي پڻي کي جلد کان جلد کولڻ هو، ڇاڪاڻ ته ٻئي ڌريون ان معاملي تي پهريان ئي متفق هيون. ذريعن موجب ان عمل جو هڪ سبب وائٽ هائوس تي معاهدي جو متن جاري ڪرڻ لاءِ وڌندڙ سياسي دٻاءُ به ٿي سگهي ٿو. تنهن هوندي به هڪ ذريعي دعويٰ ڪئي ته ايران شرط رکيو هو ته معاهدي جو متن باضابطه صحيحن کان اڳ جاري نه ڪيو وڃي، ۽ اهو به چيو ته اهو فيصلو وائٽ هائوس جي دٻاءُ جو نتيجو نه هو. آمريڪي انتظاميا جي هڪ سينئر عهدي دار اربع جي ڏينهن بريفنگ ڪال ۾ صحافين کي معاهدي جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو، جنهن کانپوءِ ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري ابهام ختم ٿي ويو.
تبصرے بند ہیں۔