ڪراچي: سي اين اين جي رپورٽ ۾ آمريڪا ۽ ايران ۾ جنگبندي جا 14 نڪتا شايع ڪيا ويا آهن. رپورٽ موجب ڪنهن به ڌر هنن نڪتن جي تصديق ناهي ڪئي ۽ ٿي سگهي ٿو ته حتمي صحيحن بعد سرڪاري طور جاري ٿيندڙ ڊرافٽ هنن نقطن کان مختلف هجي. پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جي سيڪريتڙي آمنه بلوچ جي سربراهي ۾ ايڊوانس پارٽي سوئٽزرلينڊ پهچي وئي آهي ۽ وزيراعظم جي سرباراهي ۾ سياسي قيادت اڄ پهچندي.
1. آمريڪا ۽ اسلامي جمهوريه ايران، ۽ موجوده جنگ ۾ سندن اتحادي، هن مفاهمتي يادداشت (MOU) تي صحيحون ڪري رهيا آهن ته جيئن سڀني محاذن تي، بشمول لبنان، فوجي ڪاررواين جي فوري ۽ مستقل خاتمي جو اعلان ڪيو وڃي. اهي هاڻي کان هڪ ٻئي خلاف ڪا به جنگ يا فوجي ڪارروائي شروع نه ڪرڻ، هڪ ٻئي خلاف طاقت جي ڌمڪي يا استعمال کان پاسو ڪرڻ، ۽ لبنان جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري کي يقيني بڻائڻ جو عزم ڪن ٿا. حتمي معاهدو سڀني محاذن تي، بشمول لبنان، جنگ جي مستقل خاتمي ۽ هن پيراگراف جي ٻين شقن جي تصديق ڪندو.
(جيتوڻيڪ هن پهرين نڪتي ۾ ”سندن اتحادين“ جو ذڪر آهي، پر اسرائيل يا حزب الله جو نالو واضح طور تي شامل ناهي. اهو اهم آهي، ڇاڪاڻ ته آمريڪا اسرائيل سان گڏجي ايران خلاف جنگ شروع ڪئي هئي، جڏهن ته لبنان ۾ حزب الله خلاف اسرائيلي فوجي ڪاررواين امن معاهدي تائين پهچڻ جي ڪوششن کي پيچيده بڻائي ڇڏيو آهي. تنهن ڪري اسرائيل جو تعاون يا معاهدي کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش اهم عنصر هوندو.نائب صدر جي ڊي وينس، سي اين اين جي جيڪ ٽيپر سان ڳالهائيندي چيو ته هن شق جو مطلب اهو به آهي ته ”ايران کي پرتشدد دهشتگرد تنظيمن جي مالي مدد بند ڪرڻي پوندي ۽ علائقائي بيچيني لاءِ فنڊنگ روڪڻي پوندي.“
2. آمريڪا ۽ اسلامي جمهوريه ايران هڪ ٻئي جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو احترام ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي جي اندروني معاملن ۾ مداخلت کان پاسو ڪرڻ جو عزم ڪن ٿا.
(هي علامتي طور تي تمام اهم نڪتو آهي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته آمريڪا ايراني حڪومت خلاف مخالف ڌرين کي هٿي ڏيڻ يا حڪومت جي تبديلي لاءِ ڪوششون نه ڪندا. جنگ شروع ڪرڻ وقت ٽرمپ ايراني عوام کي چيو هو ته سندن آزادي جو وقت اچي ويو آهي، پر هاڻي لڳي ٿو ته آمريڪي حڪومت جي سوچ تبديل ٿي چڪي آهي.)
3. آمريڪا ۽ اسلامي جمهوريه ايران وڌ ۾ وڌ 60 ڏينهن اندر حتمي معاهدي تي ڳالهين ۽ ان جي حصول لاءِ پرعزم آهن، جنهن جي مدي ۾ باهمي رضامندي سان واڌ به ٿي سگهي ٿي.
(هي MOU دراصل هڪ حتمي معاهدي تائين پهچڻ جو معاهدو آهي. رپورٽن موجب ٽرمپ ۽ صدر مسعود پزشڪيان 17 جون تي صحيحون ڪيون، جنهن مطابق 60 ڏينهن جي مدت 16 آگسٽ تي مڪمل ٿيندي، پر ضرورت پوڻ تي ان ۾ واڌ به ممڪن آهي. ايراني ڪئلينڊر ۾ ڪجهه اهم تاريخون به اچي رهيون آهن، جهڙوڪ 25 جون تي عاشورا ۽ سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي تدفين جون تقريبون، جيڪي 4 جولاءِ کان 9 جولاءِ تائين جاري رهنديون.)
4. هن MOU تي صحيحون ٿيڻ سان ئي آمريڪا ايران خلاف سامونڊي ناڪابندي ۽ ٻين رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جو عمل شروع ڪندو ۽ 30 ڏينهن اندر مڪمل طور تي ناڪابندي ختم ڪندو. ان عرصي دوران جهازن جي آمدرفت کي جنگ کان اڳ واري سطح تائين بحال ڪيو ويندو. حتمي معاهدي کان پوءِ 30 ڏينهن اندر آمريڪا ايران جي ويجهو موجود پنهنجي فوجي قوتن کي به هٽائڻ جو عزم ڪري ٿو.
(هتي اهو واضح ناهي ته آخرڪار آبنائي هرمز تي ڪنٽرول ايران وٽ رهندو يا نه. آمريڪا کي 19 جولاءِ تائين مڪمل سامونڊي ناڪابندي ختم ڪرڻي پوندي. ان مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته آمريڪا علائقي مان پنهنجون اضافي فوجي قوتون واپس وٺي سگهي ٿو.)
5. هن MOU تي صحيحون ٿيڻ کان پوءِ اسلامي جمهوريه ايران پنهنجي بهترين ڪوششن ذريعي 60 ڏينهن تائين بغير ڪنهن فيس جي واپاري جهازن جي محفوظ آمدرفت کي خليج فارس کان عمان سمنڊ ۽ واپس وڃڻ لاءِ يقيني بڻائيندو. واپاري جهازن جي آمدرفت فوري طور شروع ٿيندي ۽ فني ۽ فوجي رڪاوٽن کي هٽائڻ ۽ بارودي سرنگون صاف ڪرڻ جو عمل 30 ڏينهن اندر مڪمل ڪيو ويندو.
(ايران عمان سان گڏجي آبنائي هرمز جي مستقبل جي انتظام ۽ سامونڊي خدمتن بابت ڳالهين ڪندو، جن ۾ خليج فارس جا ٻيا ساحلي ملڪ به شامل هوندا. ان جو مطلب آهي ته ايران 60 ڏينهن تائين بغير ڪنهن ٽول يا فيس جي جهازن کي گذرڻ ڏيندو، جڏهن ته مستقبل ۾ نئون نظام متعارف ٿي سگهي ٿو، جنهن ۾ ممڪن طور تي فيسون به شامل هجن.)
6. آمريڪا پنهنجي علائقائي ڀائيوارن سان گڏ اسلامي جمهوريه ايران جي تعمير نو ۽ اقتصادي ترقي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 300 ارب آمريڪي ڊالرن جو منصوبو تيار ڪرڻ جو عزم ڪري ٿو. هن منصوبي تي عملدرآمد جو طريقو 60 ڏينهن اندر حتمي معاهدي جو حصو بڻايو ويندو. لاڳاپيل مالي ڏي وٺ لاءِ گهربل سڀئي لائسنس، ڇوٽون ۽ اجازت ناما آمريڪا جاري ڪندو.
(ان جو مطلب آهي ته اونهاري جي آخر تائين ايران کي اقتصادي ترقي لاءِ 300 ارب ڊالر تائين رسائي ملي سگهي ٿي، جيڪا انتهائي وڏي رقم آهي.)
7. آمريڪا اسلامي جمهوريه ايران خلاف هر قسم جون پابنديون ختم ڪرڻ جو عزم ڪري ٿو، جن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جون قراردادون، IAEA بورڊ آف گورنرز جون قراردادون، آمريڪا جون هڪ طرفيون پابنديون، بنيادي ۽ ثانوي پابنديون شامل آهن، جيڪي حتمي معاهدي تحت طئي ٿيل شيڊيول مطابق ختم ڪيون وينديون.
(1979ع جي انقلاب کان پوءِ آمريڪا ايران تي مختلف پابنديون لاڳو ڪيون هيون. انهن جي خاتمي سان ايران کي پنهنجي تيل جي دولت ۽ عالمي مالي نظام تائين وڌيڪ رسائي حاصل ٿيندي.)
8. اسلامي جمهوريه ايران ٻيهر تصديق ڪري ٿو ته هو نه ته ايٽمي هٿيار حاصل ڪندو ۽ نه ئي تيار ڪندو. آمريڪا ۽ ايران يورينيم جي افزودہ ذخيرن جي مستقبل بابت گڏيل طور تي طئي ٿيل طريقه ڪار تحت فيصلو ڪندا. ان سان گڏ ايران جي ايٽمي ضرورتن ۽ افزودگي بابت به ڳالهين جاري رهنديون.
(ٽرمپ ان کي پنهنجي ڪاميابي قرار ڏيندو، ڇاڪاڻ ته ايران ايٽمي هٿيار نه رکڻ جو واعدو ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ايران جو موقف هوندو ته هو اڳ ئي عدم پکيڙ واري معاهدي (NPT) تحت اهڙو واعدو ڪري چڪو آهي.)
9. حتمي معاهدي تائين آمريڪا ۽ ايران ايٽمي معاملي بابت موجوده صورتحال برقرار رکڻ تي متفق آهن. ايران پنهنجي موجوده ايٽمي پروگرام جي حالت برقرار رکندو، جڏهن ته آمريڪا نه نيون پابنديون لاڳو ڪندو ۽ نه ئي علائقي ۾ اضافي فوجي قوتون موڪليندو.
(ايران جو رچيل يورينيم زمين ۾ دٻيل آهي، آمريڪا ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ سرگرم نه ٿيندو. آمريڪا جون نيون لڳايل پابنديون، ڊجيٽل اثاثن ۽ شپنگ وغيره تي عمل ۾ اينديون.)
10. هن MOU تي صحيحون ٿيڻ کان پوءِ ۽ پابندين جي مڪمل خاتمي تائين آمريڪي خزاني وارو کاتو ايراني خام تيل، پيٽروليم شين ۽ انهن سان لاڳاپيل خدمتن، جهڙوڪ بينڪنگ، انشورنس ۽ ٽرانسپورٽ لاءِ ڇوٽون جاري ڪندو.
(ان سان ايران کي عالمي مارڪيٽ ۾ تيل وڪڻڻ جي اجازت ملندي، جيڪا سندس معيشت لاءِ فوري رليف ثابت ٿيندي.)
11. آمريڪا اسلامي جمهوريه ايران جا منجمد يا محدود ڪيل فنڊ ۽ اثاثا هن MOU تي عملدرآمد سان ئي دستياب بڻائڻ جو عزم ڪري ٿو. انهن فنڊن جي آزاد ڪرڻ بابت طريقه ڪار ڳالهين ذريعي طئي ڪيو ويندو.
(ايراني ميڊيا ۽ تجزيه نگارن موجب ايران جا منجمد اثاثا 124 ارب کان 167 ارب ڊالرن جي وچ ۾ ٿي سگهن ٿا.)
12. آمريڪا ۽ ايران متفق آهن ته هن MOU ۽ مستقبل جي حتمي معاهدي تي عملدرآمد جي نگراني لاءِ هڪ انتظامي نظام قائم ڪيو ويندو.
13. هن MOU تي صحيحون ٿيڻ کان پوءِ، ۽ ان جي شقن 1، 4، 5، 10 ۽ 11 تي عمل شروع ٿيڻ سان، آمريڪا ۽ ايران باقي شقن بابت حتمي معاهدي لاءِ ڳالهين جو آغاز ڪندا.
(ان جو مطلب آهي ته آمريڪا کي سامونڊي ناڪابندي ختم ڪرڻي پوندي ۽ ايران کي آبنائي هرمز کولڻي پوندي ته جيئن وڏي معاهدي ڏانهن اڳڀرائي ٿي سگهي.)
14. حتمي معاهدي جي توثيق گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي هڪ پابند قرارداد ذريعي ڪئي ويندي.
(دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جيتوڻيڪ هي MOU رڳو آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ آهي، پر حتمي معاهدي کي سلامتي ڪائونسل جي پنجن مستقل ميمبرن — آمريڪا، برطانيا، فرانس، چين ۽ روس — جي منظوري حاصل ڪرڻي پوندي. ان سان مستقبل ۾ ڪنهن به ڌر لاءِ معاهدي کان پوئتي هٽڻ وڌيڪ ڏکيو ٿي پوندو.)
تبصرے بند ہیں۔