الزائمر جي بيماريءَ سان منهن ڏيڻ جو حيران ڪندڙ نئون طريقو دريافت

بيجنگ:  چيني سائنسدانن الزائمر جي بيماريءَ سان منهن ڏيڻ جو هڪ حيران ڪندڙ نئون طريقو دريافت ڪيو آهي، جنهن ۾ دماغ بدران جگر کي نشانو بڻايو ويو آهي. نئين تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته جيڪڏهن جگر جي رت مان هڪ زهريلي چيڙهالي پروٽين، جنهن کي ايمائلائيڊ (amyloid) چيو ويندو آهي، کي صاف ڪرڻ جي صلاحيت وڌائي وڃي ته دماغ ۾ ان جي جمع ٿيڻ جي عمل کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو، بلڪه يادداشت جي ڪمزوري کي به نه صرف روڪي پر واپس (بحال) ڪري سگهجي ٿو. سائنسدانن پاران ڪوئن تي ڪيل هيءَ تحقيق، جيڪا سائنسي رسالي “نيورون” ۾ شايع ٿي، ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿي ته جگر الزائمر جي بيماريءَ ۾ اڳوڻن اندازن کان ڪٿي وڌيڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. سائنسدانن موجب، جگر کي نشانو بڻائيندڙ ٿراپيز هن لاعلاج بيماريءَ کان بچاءُ جو هڪ نئون رستو فراهم ڪري سگهن ٿيون، جيڪا سڄي دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهن کي متاثر ڪري ٿي. عام طور تي اهو سمجهيو ويندو آهي ته الزائمر جي بيماري ايمائلائيڊ جي غير معمولي جمع ٿيڻ جي ڪري پيدا ٿيندي آهي، هي پروٽين دماغي گهرڙن (خيلن) جي وچ ۾ پليڪس (plaques) جي شڪل اختيار ڪري وٺندو آهي ۽ انهن سگنلن کي روڪي ڇڏيندو آهي جن جي ذريعي گهرڙا پاڻ ۾ رابطو ڪندا آهن. هڪ ٻيو پروٽين، “ٽائو” (tau) به نقصان جو سبب بڻجندو آهي، هي مڙي وڪڙي منجهيل شڪليون بڻائي وٺندو آهي جيڪي دماغي گهرڙن جي اندر پيدا ٿي انهن کي اندر کان تباهه ڪري ڇڏينديون آهن، موجودهه دوائون بيماري جي رفتار کي سست ته ڪري سگهن ٿيون، پر ان کي روڪي يا ابتو (ختم) نٿيون ڪري سگهن. انهن مان ڪيترين ئي دوائن جا پريشان ڪندڙ نقصانڪار اثر (سائيڊ ايفيڪٽس) به هوندا آهن، جهڙوڪ متلي، چڪر اچڻ ۽ ڪجهه حالتن ۾ دماغ ۾ سوڄ يا رت جو وهڻ شامل آهي، ايمائلائيڊ هڪ فضلہ جهڙو مادو آهي جيڪو ان وقت پيدا ٿيندو آهي جڏهن دماغي گهرڙا پنهنجي روزاني جي سرگرمين دوران پروٽينن کي ٽوڙيندا آهن، بلڪل ائين جيئن گاڏي جي انجڻ مان دونهون خارج ٿيندو آهي. دماغ مسلسل ايمائلائيڊ ٺاهيندو رهندو آهي ۽ عام حالتن ۾ ان کي اثرائتي طريقي سان صاف به ڪري ڇڏيندو آهي، پر دماغ ۾ ٺهندڙ ايمائلائيڊ جو تقريبن 60 سيڪڙو رت ۾ شامل ٿي ويندو آهي، جتي جگر ان کي ٽوڙڻ ۽ جسم مان خارج ڪرڻ جو ذميوار هوندو آهي، ان عمل لاءِ جگر به ايمائلائيڊ کي صاف ڪرڻ ۾ “اي پي او اي” (APOE) جين جي مدد وٺندو آهي.

تبصرے بند ہیں۔