اسلام آباد: وزيراعظم پاڪستان محمد شهباز شريف اسلام آباد مفاهمتي ياداشت اسلام آباد ميمورنڊم آف انڊر اسٽيڊنگ تي ٽياڪڙ طور صحيحون ڪري ڇڏيون.
وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل بيان موجب اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ايران جي صدر مسعود پزشڪيان جون صحيحون موجود آهن.
انهي کان اڳ وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف هڪ وڏي سفارتي ڪاميابي جو اعلان ڪندي ٻڏايو هو ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ تاريخي اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي اليڪٽرانڪ صحيحون مڪمل ٿي ويون آهن. معاهدي تي ٻنهي ملڪن جي صدرن صحيحون ڪيون جڏهن ته پاڪستان ٽياڪڙ جي طور تي انهي جي توثيق ڪئي آهي.
شهباز شريف ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته اعليٰ ترين حڪومتي سطح تي ٿيل انهي معاهدي انهي ڳالهه جو واضح ثبوت ڏنو آهي ته واشنگٽن ۽ تهران تڪرار جي حل لاءِ سفارتي رستو اختيار ڪرڻ تي متفق آهي، مفاهمتي يادداشت فوري طور تي لاڳو ٿي ويو آهي.
هن چيو ته معاهدي جي تحت پهرين مرحلي ۾ ايران فوري طور تي آبنائي هرمز کي بحري آمد رفت جي لاءِ کوليندو جڏهن ته آمريڪا پنهنجي بحري ناڪه بندي فوري طور تي ختم ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان شريڪ ٽياڪڙ قطر جي رياست جي تعاون سان 19 جون 2026 تي سوئٽزرلينڊ ۾ انهي تاريخي اڳڀرائي جي ياد ۾ باضابطه تقريب جي ميزباني ڪندو جتي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٽيڪنيڪي سطح جون ڳالهيون شروع ٿيڻ جو به امڪان آهي.
انهي موقعي تي شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته انهي جي سفارتڪاري سان جڙيل هجڻ ۽ تڪرارن جي پرامن حل کي ترجيح ڏيڻ جي پاليسي هڪ اهڙي بحران جو خاتمو ممڪن بنايو جيڪو پوري خطي ۽ دنيا جي لاءِ تباهي آڻيندڙ نتيجن جو سبب بڻجي سگهيو ٿي.
شهباز شريف ايراني قيادت کي خراج تحسين پيش ڪندي سپريم ليڊر آيت الله سيد مجتبيٰ حسيني خميني ۽ ايراني صدر مسعود پزشڪيان جي بصيرت ۽ امن جي ارادي جي تعريف ڪئي. وزيراعظم اهڙي طرح ايراني ڳالهين واري ٽيم جي ميمبرن محمد باقر قاليباف، عباس عراقچي ۽ اسڪندر موميني جي ڪوششن کي به معاهدي جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار قرار ڏنو.
بيان ۾ شهباز شريف قطر جي قيادت جي تعميري شموليت ۽ سفارتي تعاون کي خصوصي طور تي تعريف ڪئي جڏهن ته سعودي عرب، ترڪيه ۽ مصر جي قيادت جي ڪردار کي به اجاگر ڪرڻ کان علاوه انهي کي انتهائي اهم قرار ڏنو. وزيراعظم شهباز شريف خصوصي طور تي فيلڊ مارشل عاصم منير جو ذڪر ڪندي چيو ته انهي جون اڻٿڪ ڪوششون، پردي پٺيان سفارتي ڪردار انهي اڳڀرائي کي ممڪن بنائڻ ۽ خطي ۾ امن، استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۾ فيصله ڪن ثابت ٿي.
تبصرے بند ہیں۔