اهو ممڪن نٿو ٿي سگهي ته عوام قرباني ڏئي ۽ اشرافيه مراعتون حاصل ڪندي رهي: وزيراعظم

اسلام آباد:  وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اهو ممڪن نٿو ٿي سگهي ته عوام قرباني ڏئي ۽ اشرافيه مراعتون حاصل ڪندي رهي.

مسلم ليگ(ن) سان تعلق رکندڙ عورت پارليامينٽ ميمبرن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ شهباز شريف عورت ميمبرن جي آجيان ڪئي ۽ جاري بجيٽ اجلاس ۾ انهن جي ڀرپور شرڪت تي سندن ٿورو ادا ڪيو. ملاقات جي دوران بجيٽ، ملڪي معيشت، خطي جي صورتحالي ۽ عوامي فلاح، بهبود جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

وزيراعظم چيو ته حڪومت جيتري قدر ممڪن ٿي سگهيو بجيٽ ۾ عوام کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، بجيٽ م عورتن کي خودمختار بنائڻ ۽ قومي ڌارا ۾ انهن جي شموليت وڌائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم شامل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته پاڪستاني عورتن کي ملڪي ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ بااختيار بنائڻ حڪومت جي اوليتن ترجيحات ۾ شامل آهي.

شهباز شريف چيو ته الله جي فضل، ڪرم سان خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ٿي وئي ۽ امن قائم ڪرڻ جون ڪوششون ڪامياب ٿيون، هن دوست ملڪن جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته امن کي قائم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ انهن جو ڀرپور تعاون حاصل رهيو.

وزيراعظم چيو ته ڇڪتاڻ جي شروعات کان ئي پاڪستان جي حڪومت خاص طور تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي ۽ پوري حڪومتي ٽيم خلوص نيت سان امن جي قيام لاءِ سرگرم عمل رهي.

وزيراعظم چيو ته خطي ۽ دنيا ۾ دير تائين امن جي قيام سان ئي پاڪستان سميت ٻين ملڪن جي معاشي ترقي جو خواب پورو ٿي سگهي ٿو. حڪومت گذريل مهينن جي دوران عوام کي مهانگائي جي عالمي لهر جي اثرن کان بچائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ نه ڪو بحران پيدا ٿيو نه ئي پيٽرول حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڊگهيون قطارون ڏسڻ لاءِ مليون.

هن چيو ته حڪومتي ٽيم جي بهتر منصوبه بندي ۽ وفاقي، صوبائي حڪومتن جي تعاون سان نه صرف عوام کي پريشانين کان بچايو ويو پر وچولي ۽ گهٽ آمدني واري طبقي جي لاءِ تاريخي رليف پيڪيج به ڏنو ويو. وزيراعظم چيو ته هلندڙ بحران جي دوران قرباني جي شروعات ڪابينه ۽ سرڪاري ادارن کان ڪيو ويو ڇو ته اهو ممڪن ناهي ته عوام قربانيون ڏئي ۽ اشرافيه مراعتن جو فائدو کڻندي رهي.

شهباز شريف ٻڌايو ته حڪومت 128 ارب روپين جي سبسڊي ۽ وڏي پيماني تي ڪفايت شعاري مهم جي ذريعي عوامي پريشانيون گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته ملڪي معيشت کي مستحڪم رکڻ جي لاءِ وفاق ۽ صوبن مڪمل تعاون ڪيو جنهن تي مان صوبائي حڪومتن جو ٿورائتو آهيان انهي سموري عمل ۾ عوامي تعاون به اهم ڪردار ادا ڪيو جنهن تي پاڪستاني عوام خراج تحسين جي مستحق آهي.

ملاقات جي دوران عورت پارليامينٽ ميمبرن عالمي ۽ علاقائي سطح تي امن جي قيام جي ڪوششن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو انهن وزيراعظم ۽ حڪومتي معاشي ٽيم طرفان بجيٽ ۾ عورتن کي باختيار بنائڻ ۽ انهن کي تعليم، ترقي لاءِ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ جي قدمن جي به تعريف ڪئي.

اجلاس ۾ دفاع وارو وزير خواجه آصف، آءِ ٽي واري وزير شزه فاطمه، پارلياماني معاملن وارو وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، رانا مبشر اقبال، مملڪتي وزير شزرا منصب علي خان کرل، وجيهه قمر ۽ خاص مددگار طلحه برڪي به شريڪ ٿيا.

 

تبصرے بند ہیں۔