مومنه اقبال مذهبي اسڪالر ناصر مدني کي قانوني نوٽيس اماڻي ڇڏيو، معافي جو مطالبو

لاهور:  اداڪاره مومنه اقبال ۽ مذهبي اسڪالر ناصر مدني جي وچ ۾ تڪرار وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو. اداڪاره پنهنجي وڪيل ايڊووڪيٽ عدنان احسان خان ذريعي ناصر مدني کي قانوني نوٽيس جاري ڪندي انهي کان مبينه توهين جوڳي بيان تي وضاحت، معذرت ۽ لاڳاپيل مواد کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

قانوني نوٽيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ناصر مدني طرفان مومنه اقبال جي باري ۾ ڏنل ڪجهه بيان انهي جي ساک، عزت ۽ پيشه وارانه زندگي کي نقصان پهچائڻ جو سبب بڻيل آهن. نوٽيس موجب اهي ريمارڪس  عزت جي توهين جي زمري ۾ اچن ٿا انهي ڪري فوري طور تي انهي جي ترديد ڪئي وڃي ۽ عوامي سطح تي معافي گهري وڃي.

نوٽيس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن مقرر وقت جي اندر مطالبا پورا نه ڪيا ويا ته اداڪاره پنهنجي قانوني حقن جي تحفظ لاءِ وڌيڪ ڪارروائي جو حق محفوظ رکي ٿي.

قانوني نوٽيس جاري ڪرڻ کان اڳ مومنه اقبال پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري جي ذريعي ناصر مدني جي بيانن تي سخت رد عمل ڏنو هو. اداڪاره جو چوڻ هو ته ناصر مدني منبر تي ويهي منهنجي مٿان الزام لڳايا، مومنه اقبال لکيو ته مان دنيا ۽ آخرت ٻنهي جي عدالتن ۾ سرخرو ٿيندس ڇو ته مون تي لڳايل الزامن جي حقيقت مان پاڻ ۽ الله تعاليٰ ڄاڻن ٿا.  هن واضح لفظن ۾ چيو ته مان ناصر مدني کي معاف نه ڪندس.

اداڪاره پنهنجي  پوسٽ ۾ اهو موقف به اختيار ڪيو ته اسلام ۾ بنا ثبوت ڪنهن تي الزام لڳائڻ ۽ انهي جي عزت کي نقصان پهچائڻ سنگين گناهه آهي. هن سورت نور جي آيت جو حوالو ڏيندي چيو ته هر ڳالهه جو حساب ٿيڻو آهي ۽ انصاف ضرور ٿيندو. شوبز ۽ سوشل ميڊيا حلقن ۾ انهي تڪرار تي مختلف ڳالهيون سامهون اچي رهيون آهن جڏهن ته هاڻ سڀني جون نظرون انهي ڳالهه تي آهن ته ناصر مدني انهي قانوني نوٽيس جو ڪهڙو جواب ڏئي ٿو.

 

تبصرے بند ہیں۔