اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جي شروعات تي زبردست تيزي

ڪراچي:  پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 78 هزار پوائنٽس جي حد پار ڪري ويو.ڪاروباري هفتي جي ٻئي ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي اسٽاڪ اڪسچينج ۾ زبردست تيزي ڏسڻ ۾ آئي، 1400 کان وڌيڪ پوائنٽس جي اضافي سان پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 78 هزار 510 پوائنٽس جي سطح تي اچي ويو.واضح رهي ته گذريل ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي هنڊريڊ انڊيڪس 4639 پوائنٽس جي اضافي سان هڪ لک 77 هزار 39 پوائنٽس جي سطح تي بند ٿيو هو.

تبصرے بند ہیں۔