ميامي: فيفا فٽبال ورلڊ ڪپ 2026 ۾ سعودي عرب ۽ يوراگوئي وچ ۾ ميچ ڊرا ٿي وئي.ميامي اسٽيڊيم ۾ فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي گروپ ايڇ (ايڇ) جي ميچ ۾ يوراگوئي ۽ سعودي عرب وچ ۾ مقابلو 1-1 گول تان برابر رهيو.هن ميچ ۾ ميڪسي ميليانو 80 هين منٽ ۾ اهم گول ڪري يوراگوئي کي شڪست کان بچائي ورتو.ميچ جي پهرين هاف ۾ سعودي عرب وڌيڪ متحرڪ نظر آيو. شروعاتي 45 منٽن ۾ سعودي ٽيم 5 شاٽس هنيا، جن مان 3 ٽارگيٽ تي هئا. سندن مسلسل ڪوششون 41 هين منٽ ۾ رنگ لاهي آيون، جڏهن عبدالالهه العمري گول ڪري پنهنجي ٽيم کي برتري ڏياري ڇڏي.يوراگوئي به پهرين هاف ۾ موقعا پيدا ڪيا ۽ 5 شاٽس ذريعي گول ڪيپر کي آزمايو، پر وقفي تائين برابري جو گول نه ٿي سگهيو. ميچ جي ٻئي هاف ۾ يوراگوئي مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪندي 65 سيڪڙو بال پنهنجي قبضي ۾ رکي. ڏکڻ آمريڪي ٽيم مجموعي طور تي 27 شاٽس هنيا، جن مان 10 ٽارگيٽ تي هئا، پر سعودي دفاع ڪافي دير تائين مزاحمت ڪندو رهيو.يوراگوئي 584 پاس مڪمل ڪيا ۽ پاسنگ جي درستگي 92 سيڪڙو رهي، جيڪا مڊفيلڊ ۾ سندن برتري کي ظاهر ڪري ٿي.
تبصرے بند ہیں۔